آفتاب احمد خانزاده

آفتاب احمد خانزاده

آفتاب احمد خانزاده

آفتاب احمد خانزاده: مشھور ليکڪ، صحافي ۽ سياستدان آفتاب احمد خانزادو 15 جنوري 1960ع تي، حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. سندس والد سليم احمد خان جو تعلق راجستان جي الوَر رياست سان هو ۽ ورهاڱي کان پوءِ حيدرآباد ۾ اچي رهيو. سندس والد جي ٽنڊي الھيار لڳ ڪاماري شريف ۾ وڏي زمينداري هئي. آفتاب احمد خانزادي، ايم. اي معاشيات جي ڊگري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لطيف آباد مان حاصل ڪئي. ڪئنٽونمينٽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دؤران هن جو سنڌ نئشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي عھديدارن سان تعلق جُڙيو، جتي هن جي ملاقات قاضي سليم، قاضي اسلم، رفيق پٽيل، مختيار عاقل، نظير عباسي ۽ سرفراز ميمڻ سان ٿي. سياسي سرگرمي سبب ڪئنٽونمينٽ هاءِ اسڪول مان رسٽيڪيٽ ٿيو، پر بعد ۾ قاضي اڪبر جي سفارش سان، ٻيھر اسڪول وڃڻ شروع ڪيو. گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موريءَ ۾ پڙهڻ دؤران SNSF جو عھديدار پڻ چونڊيو ويو. 1990ع ڌاري سندس دوست ڊاڪٽر امير الدين جڏهن لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندو هو، ته ايل. ايم. سي جي انٽرنئشنل هاسٽل تي سندس ملاقات امداد چانڊيي ۽ سھيل سانگي سان ٿي. ساڳئي سال حيدرآباد ۾ رهڻ دوران هن ‘وطن پرست تحريڪ’ نالي سان هڪ سياسي تنظيم جو بنياد وڌو، جنھن جي رد عمل ۾ ايم. ڪيو. ايم وارن سندس گهر تي فائرنگ ڪئي، جنھن کان پوءِ هو لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهيو.
رفيق پٽيل سان گڏ، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سياست ڪرڻ وقت هن ڪراچيءَ جي سياست جو ويجهڙائيءَ کان مشاهدو ڪيو. ان دؤران سندس ملاقات نثار احمد کھڙي ۽ مظفر شجراع سان ٿي، تنھنڪري کاٻي ڌر واري سياست کي الوداع ڪري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. 2002ع ۾ بينظير صاحبه جي هدايتن موجب، پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي لطيف آباد جي تڪ 49- PS (هاڻي PS-64) تان ايم. ڪيو. ايم خلاف چونڊ پڻ وڙهيو. اردو ادب سان گھري لڳاءُ سبب هن رضيه بٽ، ابن صفي، ڪرشن چندر، منٽو، فيض احمد فيض، حبيب جالب، ساحر لڌيانوي ۽ مصطفيٰ زيدي جي ڪتابن جو مطالعو ڪندي، هن لکڻ جي شروعات 1999ع کان ڪئي. سندس پھريون مضمون روزنامه ’جرأت‘ ۾ ڇپيو. ان کانپوءِ لاڳيتو سندس مضمون ’عبرت‘، ’عوامي آواز‘، ’هلچل‘، ’هلال پاڪستان‘ ۽ 2008ع کان روزاني ’ايڪسپريس‘ ۽ ’ڪاوش‘ ۾ ڇپجڻ شروع ٿيا. ان کان علاوه Express Tribune ۾ هر پنڌرهين ڏينھن سندس ڪالم شايع ٿيندو آهي. 1990ع ۾ سندس شادي حيدرآباد ۾ ٿي. سندس ڇپيل ڪتابن جو تفصيل هيٺين ريت آهي:
Queen of People: Benazir Bhutto (1)
(2) Bhutto is Alive
(3) سنڌ اور پيپلز پارٽي
(4) سنڌ ڪي محروميان ڪيسي دور هو سڪتي هين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.01.15  عيسوي

مشھور ليکڪ، صحافي ۽ سياستدان آفتاب احمد خانزادو 15 جنوري 1960ع تي، حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اشفاق آذر
اخلاق جوکيو
سرفراز وسطڙو
حميد نظامي
خواجه محمد شريف طوسي
الياس شاڪر
مولا بخش ڀٽو
اختر حفيظ
اسلم خواجا
اعجاز عليم عقيلي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون